اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو و??حد حل چونڊون آهن، اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، چوڌري فواد حسين ته اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته ان ڪئميرا ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي جنه?? ۾ ??و سڀئي ثبوتن ۽ دستاويز ججن جي سامهون رکيا ويندا جنهن جي بنياد تي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ته پاڪستان ۾ حڪومت بدلائڻ جي عالمي سازش ٿي رهي هئي، هن ??يو ته جج جيڪو به فيصلو ڏيندا ان موجب اڳتي وڌنداسين. هن ??يو ته ملڪ ۾ سياسي بحران جي ڪري معاشي بحران پيدا ٿي ويو آهي، ڊالر به پنهنجي حد ڪراس ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن عدم اعتماد طرف وڃون ٿا ته ملڪ ۾ معاشي مسئلا وڌيڪ شدت اختيار ??ند??، هن ??يو ته پاڪستا?? ۾ ??عاشي استحڪام ??اء?? ضروري آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجي، سياسي استحڪام ??اء?? ضروري آهي ته چونڊون طرف وڃون، سياسي عدم استحڪام جو و??حد حل چونڊون آهن
بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا