اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي زال مشعال حسين ملڪ چيو آهي ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت نام نهاد ري پبلڪ ڊي ملهائي رهيو آهي، ڀارت دنيا کي دوکو ڏيڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهائيندو آهي، ڀارتي ف??ج گذريل 75 سالن کان سموري ڪشميري قوم جو رت وهائي رهي آهي. ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريا تي پنهنجي بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت ڪشميرين جي مسل ڪشي ۾ مصروف آهي. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لکن جي تعداد ۾ مقرر ڀارتي ف??ج ڪشميرين کي گولين جو شڪار ڪري رهيا آهن. ڀارتي ف??ج هٿان ڪشميري عورتن جي عزت پڻ م??فوظ ناهي، ڀارتي ف??ج ڪشميرين جي گهرن کي ساڙي رهي آهي. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي ف??ج کان ننڍا معصوم ڪشميري پڻ م??فوظ ناهن، ڀارتي حڪومت سياسي جدوجهد تي ڪشميري اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا آهن. ڏهه ل?? فوج سان گڏ ڀارتي حڪومت پنجاهه لک هندوستانين کي پڻ ??شميري سڃاڻپ ڏئي ڇڏي. مشعال ملڪ چيو ته ڪشميرين تي پنجاهه لک هندن کي پڻ م??لط ڪيو ويو، والاريل ڪشمير ڀارتي ف??ج جي ڪالوني بڻجي چڪو آهي. دنيا ڀارت جي نام نهاد جمهوريت جي پٽي اکين تان هٽائي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظ??م ۽ زيادتي کي ڏسي.
ڀارت دنيا کي دوکو ڏيڻ لاءِ ڀارت ري پبلڪ ڊي ملهائيندو آهي: مشعال ملڪ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج