اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) ملڪ جي اولهندي ۽ مٿئين علائقن ۾ ڇنڇر کان سومر تائين جبلن تي برفباري سان گڏ برسات جو سلسلو شروع ٿيندو، اولهندي هوائن جي اثر هيٺ علائقن ۾ سرديءَ جي شدت ۾ اضافو متوقع آهي ??ڏهن ته برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري رستا بند ٿيڻ جو خدشو آهي، اڳڪٿي جي مدي دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن الرٽ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. موسميات کاتي موجب اولهندي هوائن جو ڇنڇر ڏينهن ملڪ جي اولهندي حصن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي ??يڪو آچر تي مٿئين علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيندو ۽ اها صورتحال سومر (ٻنپهرن) تائين برقرار رهي ??گهي ٿي. ان موسمي نظام جي اثر هيٺ مريءَ، گليات، ڪشمير (وادي نيلم، مظفرآباد، پونچ، بٽيان، باغ، حويلي، سدهنوتي، ڪوٽلي، ڀمڀر، ميرپور)، گلگت بلتستان (ديامير)، ا??تور، غذر، ا??ڪردو، هنزه، گلگت، گهانچي، شڪر، چترال، دير، سوات، مانسهره، هري پور، ڪوهستان، ايبٽ آباد 28 (شام/ رات) کان 30 جنوري تائين جڏهن ته اسلام آباد، پوٺوهار ريجن، گوجرانوالا، گجرات ۾، حافظ آباد، مندي بهاءُ الدين، سيال??وت?? نارووال، لاهور، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، جهنگ، قصور، شيخوپوره، ننڪانه صاحب، خوشاب، ميانوالي، سرگوڌا، ڪرڪ، پشاور، چارسده، نوشهره، صوابي، بونير، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ڪوهاٽ، بنون ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ 29 ۽ 30 جنوري تائين ڪٿي ڪٿي ڳڙي خان برسات ۽ پهاڙن تي برفباري، / طوفان / گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ڪوئيٽا، زوب، بارکان، هرنائي، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين، پنجگور، تربت، خضدار، قلات ۽ مڪران جي سامونڊي علائقن ۾ 28 ۽ 29 جنوري (شام/ رات) تي هلڪي کان ??چو??ي برسات جڏهن ته پهاڙن تي برفباري جو امڪان آهي. ان دوران بکر، ليه، ملتان، ڊيره غازي خان، سکر، بهاولپور، ساهيوال، اوڪاڙه ۽ پاڪپتن ۾ به هلڪي برسات جو امڪان آهي. مري، گليات، ناران، ڪاغان، دير، سوات، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، شانگلا، ا??تور، هنزه، ا??ڪردو، نيلم، باغ، پونڇ ۽ حويليان ۾ ??چو??ي درجي جي شديد برفباري سان 28 تاريخ کان رستا بند ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ان دوران مٿئين خيبرپختونخواهه، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ پڻ ٿي سگهي ٿي. سياحن ۽ مساف??ن کي ان عرصي دوران وڌيڪ محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. اها برسات خاص طور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي باراني علائقن ۾ بيٺل فصلن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. موسميات کاتي سمورن لاڳاپيل عملدا??ن کي مشورو ڏنو آهي ??ه اهي ??ڳڪٿي جي مدي دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ ”الرٽ“ رهن.
ملڪ جي اولهندي ۽ مٿئين علائقن ۾ ڇنڇر کان سومر تائين پهاڙن تي برفباري سان گڏ برسات جو سلسلو شروع ٿيندو
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز