اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت وڪيلن جي تحفظ جي لاءِ وڪيل تحفظ بل 2023ع پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ ۽ ڪپهه جي فصل ک?? آباد??ار?? جي لاءِ منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ 8500 رپيا في مڻ جي امدادي قيمت جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ين?? جي اجلاس ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڪيلن جو پاڪستان جي آئيني ارتقا ۾ اهم ڪر??ار آهي. حڪومت وڪيلن جي تحفظ جي لاءِ وڪيل تحفظ بل 2023ع پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ منظور ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ڪپهه جي آباد??ار?? جي فصل ک?? منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ 8500 رپيا في مڻ جي امدادي قيمت جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. ايس ايم اي بئنڪ جي صارفين جي جمع ڪر??يل رقم جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وائنڊنگ ڊائون دوران صارفين جي ڊپازٽس جي واپسي جو خاص خيال رکيو وڃي. ڪا??ين?? ناڻي واري وزارت جي سفارش تي سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي مختلف ملڪن ۽ عالمي ا??ار?? سان 15 گڏيل ۽ 2 گهڻ رخي مفاهمتي ياداشتن جي ايڪس پوسٽ فيڪٽو جي منظوري ڏني. وفاقي ڪا??ين?? اسٽيٽ بئنڪ جي سفارش تي ايس ايم اي بئنڪ جي وائنڊنگ ڊائون جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪا??ين?? هدايت ڪئي ته وائنڊنگ ڊائون دوران بئنڪ جي سمورن صارفين جي ڊپازٽس جي حفاظت ي??يني بڻائي وڃي. پهرين مرحلي ۾ بئنڪ جي سمورن صارفين کي 5.557 ارب رپين جون ادائيگيون ڪيون وينديون. وفاقي ڪا??ين?? گهرو وزارت جي سفارش تي سعودي حڪومت پاران محمد وسيم اسلم ولد محمد اسلم جي سعودي عرب روانگي جي لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ايڪسٽراڊيشن ايڪٽ 1972ع تحت انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. پاڪستان حڪومت جو سعودي حڪومت سان ڏوهارين جي حوالگي جي حوالي سان معاهدو موجود آهي. محمد وسيم اسلم سعودي حڪومت کي قتل جي ڪيس ۾ گهربل آهي. وفاقي ڪا??ين?? مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان سک گردواره تي بنڌڪ ڪميٽي (پي ايس جي پي سي) جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني. ڄاڻايل 13 رڪني ڪميٽي ۾ سمورن صوبن مان سک برادري جي نمائندگي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اها ڪميٽي ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ گردوارن جي سارسنڀال، سک ياترين جي خدمت ۽ ٻيا انتظامي معاملا سنڀاليندي. وفاقي ڪا??ين?? ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪا??ين?? ڪميٽي جي 13 مارچ 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي جي پڻ توثيق ڪئي جنهن ۾ وڪيل تحفظ بل 2023ع جي منظوري ڏني وئي هئي. اهو بل سڄي ملڪ ۾ وڪيلن جي تحفظ جي لاءِ وڪيلن جي درخواست تي تيار ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪا??ين?? اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 14 مارچ 2023ع ۽ 15 مارچ 2023ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. ان ۾ ڪپهه جي امدادي قيمت وڌائي 8500 رپيا في مڻ جو فيصلو پڻ شامل آهي.
حڪومت وڪيلن جي تحفظ جي لاءِ وڪيل تحفظ بل 2023ع پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ ۽ ڪپهه جي فصل کي آبادگارن جي لاءِ منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ 8500 رپيا في مڻ جي امدادي قيمت جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : راکی