اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب منصوبابندي ۽ تر??ي واري وفا??ي وزير احسن اقبال کي چين پاران پاڪ چين اقصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي جي هيرو جو خطاب ملڻ تي مبارڪباد ڏين??ي چيو آهي ته جنهن شخص جي ايمانداري، محنت ۽ لگن جو اعتراف چين جهڙو عظيم ڪري رهيو آهي، ان کي سياسي انتقام ۾ پاڳل ٿي ??يل ۾ وڌو ويو، ماڻهن کي اتساهي ۽ اشتعال ڏياري گولي هڻائي وئي، ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، ڪردارڪشيءَ ڪئي وئي، چين جو بيان اهڙن سمورن ڪارن ڪردارن جي منهن تي چماٽ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چين پاران اهو اعزاز پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي بهتري جو پڻ اظهار آهي. هن چيو ته چار سالن ۾ ملڪ کي سفارتي اڪيلائپ ۾ مبتلا ڪ??و ويو هو، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ گذريل هڪ سال دوران پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جا رابطا، عزت ۽ ساک بحال ٿي.
مريم اورنگزيب پاران احسن اقبال کي چين پاران سي پيڪ منصوبي جي هيرو جو خطاب ملڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی