اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 12 کان 14 جولاءِ تائين انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 30 هين ??زا??تي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي ??يادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ا?? آر ايف جي 27 ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ آسيان جو سيڪريٽري جنرل اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. ??زا??تي اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ايشيا پيسفڪ جي ??اءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي گڏيل حل کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندو. جڪارتا ۾ پرڏيهي سيڪريٽري انڊونيشيا جي عملدارن ۽ اي آر ايف جي ??يمبر ملڪن جي ??م منصبن ۽ دورو ڪندڙ وزيرن سان ملاقاتون ڪندو. هو ان موقعي تي ٿنڪ ٽينڪس، ڪاروباري اڳواڻن ۽ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. بيان موجب ا?? آر ايف 1994ع ۾ قائم ڪي?? ويو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي بابت مسئلن تي ايشيا پيسفڪ جي ??لڪن جي ??چ ۾ مشاورت جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. 2004ع ۾ اي آر ايف ۾ شموليت کان وٺي پاڪستان فورم جو هڪ فعال ميمبر رهيو آهي ۽ ??و باقاعدگي سان ان جي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 12 کان 14 جولاءِ تائين جڪارتا ۾ منعقد ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada