اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پر??يه?? وزير جليل عباس جيلاني ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ جمهوريه ڪرغز جي صدر ۽ پر??يه?? وزير کانسواءِ ايران جي نائب صدر ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ??يو??. هو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. پر??يه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل ۾ ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي جنهن جو بنيادي ڌيان سماجي ۽ اقصادي، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته نگران پر??يه?? وزير جمهوريه ڪرغز جي صدر ۽ پر??يه?? وزير کانسواءِ ايران جي نائب صدر ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ??يو?? آهن. ترجمان چيو ته انهي مٽاسٽا ۾ ٻطرفي تعاون جي وسيع شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ علائقائي تعاون ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته نگران پر??يه?? وزير ڪالهه خميس ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه دوران گڏيل اعتماد، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل وي??ن تي زور ڏيندي ”شنگهائي اسپرٽ“ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اچ وڃ ۽ علائقائي رابطن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، غربت جي خاتمي، موسمياتي تبديلي ۽ آفتن مان ڇوٽڪاري ۾ علائقائي تعاون تي پاڪستان جي موقف جو خاڪو پيش ڪيو. پر??يه?? آفيس جي ترجمان چيو ته اڄ جي اجلاس جي پڄاڻي تي پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومت جي سربراهن جي ڪائونسل جي سربراهي 2024ع جي خزان موسم تائين سنڀاليندو. ترجمان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ اسان ??و ڌيان رابطن کي وڌائڻ، ٽرانسپورٽ جي بنيادي ڍانچي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، غربت جي خاتمي ۽ زراعت، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت اعليٰ امڪانن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي عملي تعاون تي رهندو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي بشڪيڪ ۾ جمهوريه ڪرغز جُون صدر، پرڏيهي وزير کانسواءِ ايران جي نائب صدر ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا