اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??وو??سيز پاڪستانين کي پنهنجي رقم روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ جي ذريعي منتقل ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، ??وو??سيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نعمان مصطفيٰ جي سربراهي ۾ ??وو??سيز پاڪستانيز جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪي معيشت ۾ ??وو??سيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ رقم جي منتقلي جو محفوظ ذريعو آهي جنهن جي استعمال سان ملڪي معيشت جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ??وو??سيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي، ??وو??سيز پاڪستانيز جي سيڙپڪاري ۽ انهن جي ملڪيتن جي حفاظت حڪومتي ذميواري آهي ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتا??ي جي گنجائش نه آهي، ??وو??سيز پاڪستانين جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی