ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ميڊيا جمهوريت جي چوٿين ٿنڀ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آزاد ۽ خودمختيار ميڊيا جي حمايت ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن گورنر هائوس ۾ ڪراچي پريس ڪ??ب جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايتن تي ميڊيا هائوسز ۽ اخبا??ن جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ قدم کنيا. هن چيو ته هو جلد ڪراچي پريس ڪ??ب جو دورو ڪري صحافين سان تفصيلي ملاقات ڪندو. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪ??ب جي صدر سعيد سربازي ۽ جنرل سيڪريٽري شعيب خان اطلاعات واري وفاقي وزير کي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. اطلاعات واري وفاقي وزي?? ڪراچي پريس ڪ??ب جي صدر سعيد سربازي ۽ جنرل سيڪريٽري شعيب خان کي ??راچي پريس ڪ??ب جي لاءِ 10 لک رپين جو چيڪ پڻ ڏنو.
ميڊيا جمهوريت جي چوٿين ٿنڀ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا