اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ??حريڪ انصاف جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ به اجلاس نه ٿيو، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آندو، اڄ جيڪو رت وهي رهيو آهي ان جي ذميوار تحريڪ انصاف آهي۔ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مختلف قومي اسيمبلي ميمبرن جي اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ٿي??و پوندو. هن چيو ته ??يبرپختونخواهه جي وڏي وز??ر کي به گذارش ڪئي آهي ته هو خيبرپختونخواهه ۾ جديد بنيادن تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ قائم ڪري. هن چيو ته ??لوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز قربانيون ڏئي رهي آهي، اسان شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اڄ بلوچستان ۾ 11 دهشتگرد ماريا ويا، دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين ۾ پاڪ فوج ۽ پوليس جي جوانن شهادت ماڻي، ان معاملي تي سياست نه ٿي?? گهرجي. هن چيو ته ??حريڪ انصاف چار سال هن ملڪ ۾ دهشتگردي کي فروغ ڏنو، اڄ جيڪي واقعا ٿيا آهن ان جي ذميوار تحريڪ انصاف آهي. هن چيو ته ??لوچستان ۽ پنجاب ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اسان جي سيڪيورٽ?? ادارن جي جوانن قربانيون ڏنيون، شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، جيڪي ماڻهو زخمي ٿيا، انهن کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، انهن ملڪ جي خاطر قربانيون ڏنيون آهن. ميانوالي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال بابت هن چيو ته ??ءِ جي پنجاب سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ميانوالي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ختم ٿي چڪي آهي، پرامن طريقي سان معاملو حل ٿي ويو آهي، ٻن گروپن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ هئي جيڪا رڪجي وئي آهي ۽ ٻئي گروپ منتشر ٿي ويا آهن. مهتاب اڪبر راشدي جي اعتراض واري نقطي تي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن گڏجي آپريشن ڪيو، هڪ زماني ۾ اتي ڇوٽو گينگ هو جيڪو خوف جي علامت هو، موثر پوليسنگ جي ذريعي انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن سان ڇوٽو گينگ کي پڪڙيو ويو هو. هن چيو ته ??يڪي پوليس اهلڪار ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن ۾ شهيد ٿيا آهن، انهن جي لاءِ شهيد جو لفظ استعمال ٿي?? گهرجي. اهڙي طرح جي آپريشنز ۾ جيڪي جوان پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪن ٿا انهن کي شهيد سڏيو، لکيو ۽ پڙهيو ويندو. هن چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن جا جلد نتيجا نڪرندا، سمورن ڌاڙيلن جو صفايو ٿيندو. قومي اسيمبلي ميمبرن خواجه اظهارالحسن ۽ مرزا اختيار بيگ جي اعتراض واري نقطي تي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته ڪراچي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وز??راعظم شهباز شريف جي چين جي دوري دوران ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت اعليٰ سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي جا منصوبا بحث هيٺ رهيا. هن چيو ته ??يئرپورٽس جي حوالي سان اٿارٽي قائم ڪرڻ جو مقصد ايئرپورٽس جي صورتحال بهتر بڻائڻ آهي، اسان چاهيون ٿا ته ٻاهرئين ملڪ مان ماڻهو جڏهن هتي اچن ته ??نهن کي سموريون سهولتون ميسر هجڻ گهرجن. هن چيو ته ??ءِ پي پيز جي معاملن بابت ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، ماضي ۾ جڏهن هن ملڪ ۾ 18، 81 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي هئي ته ??ن وقت ضرورت تحت گهٽ قيمت تي پاور پراجيڪٽ لڳايا ويا. هن چيو ته ??نهن پاور پراجيڪٽس قائم ڪرڻ ۾ نجي شعبي پڻ حصو ورتو، هاڻي اسان جون ضرورتون بدلجي چڪيون آهن، آءِ پي پيز جي معاملن تي نظرثاني جي لاءِ وز??راعظم نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٻن مهينن جي لاءِ بجلي جي بلن ۾ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي، ٽاسڪ فورس آءِ پي پيز بابت پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. قومي اسيمبلي ميمبرن شازيه اسلم، فتح الله خان ۽ شاهده رحماني جي اعتراض واري نقطي تي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته هن ئي هائوس ۾ ڪنهن چيو هو ته ??ان الله کي ڏيڻي آهي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ اسان جي هڪ معزز ميمبر تي منشيات جو الزام هڻي ان کي جيل ۾ بند ڪيو ويو هو. انٽرنيٽ جي سست رفتاري بابت هن چيو ته پي ٽي اي چيئرمين چيو آهي ته ڊيٽا پرائيويسي ۽ سائبر سيڪيورٽي جي مئسلن بابت ويب مئنيجمينٽ سسٽم جو اپ گريڊ جاري آهي، ويب مئنيجمينٽ سسٽم جي اپ گريڊيشن ۽ وي پي اين جي وڌيڪ استعمال سان ڪجهه ڏينهن واٽس ايپ سروسز متاثر ٿيون، اهو معاملو عدليه ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سسٽم ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو جنرل (ر) فيض سان گڏجي پلان هو ته 25 سال حڪومت ڪرڻي آهي. فائر وال به هڻڻو آهي، ڪاش ان وقت انهن دورانديشي جو مظاهرو ڪيو هجي ها ۽ اهو ڊائيڪٽو ايشو نه ڪيو هجي ها. هن چيو ته ??ين ڊي ايم اي چيئرمين کي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي امداد جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، اين ڊي ايم اي موسم جي صورتحال کان باخبر رهڻ جي لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ سسٽم هنيو آهي. هن چيو ته ??ورتن جو احترام اسان تي فرض آهي، عورت جي لباس بابت اقبال آفريدي جي بيان تي افسوس آهي، ان کي پنهنجو اهو بيان واپس وٺڻ گهرجي. امن امان قائم ڪرڻ بابت اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته ??ڏهن به امن امان جي حوالي سان اجلاس ٿيا، خيبرپختونخواهه جي وڏي وز??ر جي مڪمل حمايت حاصل رهي، سمورا ماڻهو هڪ پيج تي رهيا. هن چيو ته ??هشتگردي جي خاتمي لاءِ انٽيلي جنس بيسڊ ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??وبائي حڪومتن سان تعاون سان دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين.
تحريڪ انصاف جي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ به اجلاس نه ٿيو، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آندو، اڄ جيڪو رت وهي رهيو آهي ان جي ذميوار تحريڪ انصاف آهي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا