ڪوئيٽا – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي مڪاني کاتي جو وزير ۽ چيف سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي ڪر??چي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. فيملي ذريعن مطابق سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي 10 ڏينهن کان ڪر??چي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، هو ڦڦڙن ۽ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو. سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي جي ڀاءُ هربيار ڊومڪي جو چوڻ آهي ته سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جو مڙهه ڪر??چي کان لهڙي منتقل ڪيو پيو وڃي، سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جي تدفين لهڙي جي اباڻي قبرستان ۾ ٿيندي. سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جو واسطو پيپلزپارٽي سان هو جيڪو پي بي 8 س??ي تان ڪامياب ٿ??و هو. سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي مختلف دور ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو حصو رهيو آهي ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي سميت ٻين کاتن جو صوبائي وزير ره??و هو. اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم سردار چاڪر خان ڊومڪي جي 2007 ۾ وفات بعد سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي کي ڊومڪي قبيلي جو سردار چونڊيو و??و هو.
بلوچستان جو صوبائي وزير سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado