اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، ??زي??اعظم/ پرڏيهي معاملن واري ??زي?? محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولينديون. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ ق??ر بزنس مين ايسوسيئيشن جي قائداڻي سطح جا وفد ??زي??اعظم سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي لاءِ ملاقات ڪندا. ??زي??اعظم 31 آڪٽوبر تي ثقافتي نمائش ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کان هيستائين“ جو اف??تاح پڻ ڪندو. اها نمائش پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ۽ تعميري ورثي جي نمائش ڪندي ۽ پاڪستان ۽ ق??ر جي وچ ۾ عوام سان عوام جي گهري رابطن کي اجاگر ڪندي.
وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین