واشنگٽن -12 اپريل (اي پي پي) آءِ ايم ايف خبردار ڪيو آهي، ته ناڻي واڌ جي بلند شرح 2025ع تائين جاري رهي سگهي ٿي. فنڊ جي چيف اڪانامسٽ پيري اوليور گورنچاس هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي، ته عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي موجوده بلند شرح جي پويان مه??نگ??ئي وارا سبب 2025ع تائين جاري رهڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کان پوءِ معيشت جي بحا??ي سڄي دنيا ۾ شين جي اگهن ۾ تيزي سان اضافو ڪيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. گذ??يل سال يوڪرين تي روس جي حملن مه??نگ??ئي جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. ناڻي واڌ جي شرح کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ سڄي دنيا جي ملڪن جي مرڪزي بئنڪن وياج واري شرح ۾ اضافو ڪيو. ۽ ان جي باوجود اها شرح آمريڪا جي فيڊرل ريزرو ۽ ٻين ملڪن جي مرڪزي بئنڪن جي 2 سيڪڙو وارن اندازن کان وڌي وئي. عام واهپي وارين شين ۽ توانائي جا اگهه ڪوششن باوجود نه گهٽجي سگهيا، اهڙي طرح بنيادي ناڻي واڌ جي شرح کي پڻ گهٽ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي. هن چيو ته ها??ي صورتحال اها آهي ته مه??نگ??ئي 2025ع دوران به گهٽ ٿيڻ جا آثار نظر نٿا اچن، ان صورتحال تي ضابطو آڻڻ وارن ڪوششن دوران مرڪزي بئنڪن کي وياج واري شرح کي ڊگهي عرصي تائين بلند سطح تي رکڻو پوندو.
ناڻي واڌ جي بلند شرح 2025ع تائين جاري رهي سگهي ٿي: آءِ ايم ايف
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل