??يا??-29 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي ته مسجد اقصي ۾ اسرائيلي آبادڪارن جا حملا مذمت جوڳا آهن، ميڊيا رپورٽن موجب سعودي پرڏيهي کاتي قابض اسرائي??ي فوج جي موجودگي ۾ مسجد اقصي ۾ اسرائيلي آبادڪارن جي جارحاڻي عمل جي مذمت ڪندي ان کي سختي سان رد ڪيو آهي، پرڏيهي کاتي بيان ۾ چيو آهي ته قبله اول مسجد اقصي جي احاطي ۾ اسرائي??ي فوج جي سرپرستي ۾ آبادڪارن جي دراندازي امن ڪوششن کي ختم ڪرڻ لاءِ آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسجد اقصي جي بيحرمتي جا واقعا امن ڪوششن کي تباه ڪرڻ ۽ مقدس جاين جي حوالي سان مسلمانن جي عالمي اصولن ۽ روايتن جي خلاف ورزي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب چاهي ٿو ته 1967 جي سرحدن تي مشتمل هڪ خودمختيار فلسطيني ??يا??ت قائم ٿئي جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر ا??قد?? هجي.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت