نئين دهلي – 02 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن جي نام??ار?? ڀارتي اڳواڻن، ججن، ليکڪن ڀارتي صدر مود?? سرڪار کي هڪ خط اماڻيو آهي جنهن ۾ اسرائيل کي هٿ??ار?? جي فراهمي ترت بند ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب هنن بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي نالي خط ۾ لکيو آهي ته ڀارت کي گهرجي ته هو اسرائيل کي فوجي سامان جي فراهمي ۾ پنهنجو سهڪار فوري طور معطل ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ته اسرائيل کي پهرين کان فراهم ڪيل هٿيار نسل ڪشي يا عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين لاءِ استعمال نه ٿين. خط لکندڙن ۾ سپريم ڪورٽ، ها??ِ ڪورٽ ج?? اڳوڻا جج، معاشي ماهر، انساني حقن ج?? اڳواڻ ۽ ليکڪ شامل آهن. جن ۾ ڀارتي مشهور ليکڪه ۽ مود?? سرڪار تي سخت تنقيد ڪندڙ ارون ڌتي راءِ به شامل آهي. هنن خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته بچاءَ واري وزارت ڀارتي ڪمپنين طرفان اسرائيل کي فوجي هٿ??ار?? ۽ گولابارو?? جي سپلائي جي سمورن موجوده لائسنسز جو جائزو وٺي ۽ اهي رد ڪري.
ڀارت اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪري: مودي کي خط
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر