بيجنگ-27 نومبر (اي ??ي پي) چين چيو آهي ته هيشه فلسطيني عوام جي جائز قومي حقن جي بحالي جي حمايت ڪنديسين. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين فلسطيني عوام جي جائز قومي حقن جي بحالي لاءِ هميشه کان ان جو پر زور حامي رهيو آهي . فلسطيني عوام سان گڏ يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ مبارڪباد جي پيغام ۾ شي جن پنگ به اهو ??وٽ ڪيو ته چين هميشه اتحاد مض??وط بڻائڻ ۽ اندروني مفاهمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سم??رن فلسطيني ڌرين جي حمايت ڪئي آهي. چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته فلسطين جو مسئلو فلسطين لاءِ ضروري ڪم اهو آهي ته جنگ جي جلد کان جلد خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بابت قرا??دا??ن تي گڏيل ۽ بهتر طريقي سان عمل در آمد ڪيو وڃي. هن فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته ٻه رياستي حل تي عمل در آمد ۽ فلسطين مسئلي جي سياسي حل کي هٿي ڏيڻ ئي واحد حل آهي.
سدائين فلسطيني عوام جي جائز قومي حقن جي بحالي جي حمايت ڪنداسين: چين
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری