پيرس-05 ڊسمبر (اي پي پي) فرانس جي وزيراعظم مشيل بارنيئر اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ صرف ٽن مهينن کانپوءِ پنهنجي خلاف عدم ??عت??اد واري تحريڪ جي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو اع??ان ڪيو آهي.پرڏيهي خا??رو اداري جي رپورٽ موجب مشيل بارنيئر جي فرانس جي حڪومت ۾ گذريل 60 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ عدم ??عت??اد جي ووٽ ذريعي ختم ڪيل پهرين حڪومت بڻجي وئي آهي.فرانس جي پارليامينٽ ۾ وزيراعظم مشيل بارنيئر خلاف عدم ??عت??اد جي تحريڪ جي حمايت ڪندڙ کاٻي ۽ ساڄي ڌر جي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبر شامل هئا. 577 ميمبرن واري ايوان ۾ وزيراعظم خلاف عدم ??عت??اد واري رٿ جي ڪاميابي لاءِ 288 ووٽ گهربل هئا جڏهن ته رٿ جي حمايت ۾ 331 ميمبرن ووٽ ڏنا. مشيل بارنيئر پنهنجي خلاف عدم ??عت??اد واري رٿ تي ووٽنگ کان اڳ جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته کيس پورو يقين آهي ته اها رٿ هر شيءِ کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيندي.
فرانس جي وزير اعظم مشيل بارنيئر پاران پنهنجي خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ جي ڪاميابي کان پوءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت