ماسڪو- 17 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ بم ڌماڪي ?? ايٽمي حفاظتي فورسز جو انچارج ۽ هڪ اعليٰ فوجي جنرل مارجي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي ايٽمي، بائيولاجيڪل ۽ ڪيميڪل پروٽيڪشن ٽروپس جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل ايگور ڪيريلوف پنهنجي اس??ٽنٽ سان گڏ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل ايگور ڪيريلوف ماسڪو ۾ پنهنجي اس??ٽنٽ سان گڏ رهائشي اپارٽمنٽ بلڊنگ کا ٻاهر اچي رهيو هو ته ه?? اسڪوٽر ۾ نصب ڪيل ڌماڪيدار مواد ڦاٽي پيو. يوڪرين ۾ ڪيميڪل هٿيار اس??عمال ڪرڻ جي الزام ۾ برطان??ه، جنرل ايگور ڪيريلوف تي آڪٽوبر ۾ پابنديون لاڳو ڪيون هيون. جنرل ايگور ڪيريلوف لڳ ڀڳ 3 سال اڳ يوڪرين جنگ جي شروعات کانپوءِ ماسڪو ۾ اهڙي طرح جي ڌماڪي ۾ مارجي ويل سڀ کان اعليٰ ??وس?? فوجي اهلڪار آهي. ??وس?? جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته ماسڪو ۾ ريازنسڪي ايونيو تي واقع رهائشي عمارت جي ٻاهر بيٺل اسڪوٽر ۾ ڌماڪيدار مواد نصب هو جيڪو 17 ڊسمبر جي صبح ڦاٽڻ سبب جنرل ايگور ڪيريلوف جو موت واقع ٿيو.
روس جي ايٽمي حفاظتي فورسز جو سربراهه بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو
مضمون کا ماخذ : پاور بال