اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان چيو آهي ته سائيبر ڏوهن جي حوالي سان بل ڪافي عرصي کان التوا هيٺ آهي، بل تي خدشن کي تفصيل ??ان ٻڌو ويو ۽ عوامي ٻڌڻيون به ڪيون ويون، بل ۾ نقص ٿي سگهن ٿا جنهن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، سينيٽ جي اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ جي بل 2016ع جي منظوري کان اڳ ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سائيبر ڪرائيم جو بل گهڻي اهميت جو ح??مل آه?? جيڪو ڪافي عرصي کان التوا هيـٺ آهي، نيشنل ايڪشن پلان کانپوءِ ان بل کي قومي اسيمبلي کي موڪليو ويو ۽ ڪميٽي ۾ غور هيٺ آندو ويو، هن بل تي ڪيترن ئي ماڻهن جا خدشا آهن جن کي ٻڌو ويو آهي
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم