اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ص??دق ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته 2018ع جو سج پاڪستان جي ترقي، عام ماڻهو جي خ??شحالي ۽ جمهوريت جي استحڪام جي نويد کڻي اڀرندو، 2018ع ان ڳالهه جو گواهه هوندو ته اسان تاريخ جي هڪ ص??حي کي ورائي موجوده دور جي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي نئين عزم سان هڪ نئين سفر تي گامزن ٿيا آهيون. نئون سال شروع ٿيڻ تي قوم جي نال?? پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اسپيڪر معاشري جي پٺتي پيل طبقن جي ترقي لاءِ موجوده حڪومت جي حصيدار جمهوريت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن ۽ 2018ع پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ