تهران -11 سيپٽمبر (اي پي پي ) ايران چيو آه?? ته هو علائقي جي رياستن ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مضبوط تعلق جي قيام ۾ مدد لاءِ تي??ر آهي ، چيني خابرو اداري موجب اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزير امير عبدالهيان گادي واري شهر تهران ۾ نار فارس جي معاملن بابت يورپي يونين جي خصوصي سلهڪار لوئجي ڊي مايو سان گڏ ملاقات دوران چئي هن چيو ته اسان جو ملڪ يورپي بلاڪ ۽ علاقائي رياستن جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ يورپي يونين جي ڪنهن به قدم جي آجيان ڪري ٿو هن علائقي جي موجوده حالت کي علاقائي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار کي ه??ي ڏيڻ لاءِ هڪ نئون باب قرار ڏنو . يورپي يونين جي نمائندي بلاڪ پاران ايران جي اهم علاقائي حيثيت تي روشني وجهندي چيو ته علائقي رياستن جي وچ ۾ ڳالهين ۽ سهڪار جو فورم اهم آه?? هن چيو ته ايران ۽ س??ودي عرب جي وچ ۾ تعل?? جو معمول تي اچڻ علائقي جي مفاد ۾ آه?? . ملاقات دوران ايران جي ايٽمي پيش رفت ۽ ايران تي لاڳو پابندين جي خاتمي بابت معاملن تي به ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي .
علائقي جي رياستن ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مضبوط تعلق جي قيام ۾ مدد لاءِ تيار آهيون ، ايران
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ