اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزي?? خواجه محمد آصف چيو آهي ته سموريون پاليسيون پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ مفادن کي نظر ۾ رکي جوڙيون وينديون، ٻاهرئين طاقتن جي مفادن تحت پاليسيون نه ٺهنديون، آمريڪا سان لاڳاپن جو وڌيڪ خوشگوار هجڻ جي خوشفهمي ۾ مبتلا نه آهيون، آمريڪا کي ضروري پيغام ڏئي ??ڏيو آهي، اسان پنهنجي مفادن کي 100 سيڪڙو ترجيح ڏينداسين، باقي سين جي ا??مي?? ثانوي هوندي، پاڪستان کي قصوروار قرار ڏيڻ آمريڪي ناڪامين تي پڙدو وجهڻ جي ڪوشش آهي. سينيٽ ۾ آمريڪي سيڪريٽريٽ آف اسٽيٽ جي دوري تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي وزي?? خواجه محمد آصف چيو ته آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي بيان ۽ تازي دوري جي حوالي سان سينيٽ ۾ اهم بحث ٿيو آهي. جن ميمبرن تجويزون ڏنيون انهن جو ٿورائتو آهيان.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا