اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب پشاور ۾ زرعي ڊائريڪٽوريٽ تي دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته شاگردن کي نشانو بڻائيندڙ اسان جي نوجوان نسل کي ڊيڄارڻ چاهين ٿا پر دهشتگرد ڄاڻي وٺن ته انهن کي ان جي ناپاڪ ارادن ۾ شڪست ڏينداسين. جمعي ڏينهن هتي جاري بي??ن ۾ مملڪتي وزير چيو ته پوري قو?? دهشتگردي جي خلاف متحد ۽ ان ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جي هٿيار??ند فوج، پ??ليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ۽ يرغمال ماڻهن کي بازياب ??را??و. مملڪتي وزير قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي، شهيدن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي
مريم اورنگزيب پاران پشاور ۾ زرعي ڊائريڪٽوريٽ تي دهشتگرداڻي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ